پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ظهير عباس کي آءِ سي سي جي صدارت لاءِ چونڊي کيس ضايع ڪري ڇڏيو آهي:جاويد ميانداد

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد چيو آهي ته جيڪڏهن کيس آءِ سي سي جي صدارت جي آڇ ڪئي وڃي ها ته هو رد ڪري ڇڏي ها. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ظهير عباس کي آءِ سي سي جي صدارت لاءِ چونڊي کيس ضايع ڪري ڇڏيو آهي، منهنجون خدمتون پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪنهن به حالت ۾ حاضر آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو حشر هاڪي جهڙو ٿيندو نه ٿو ڏسي سگهان. صحافين سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته هن وقت آءِ سي سي جي صدارت هڪ نمائشي عهدو آهي، اختيارن کان سواءِ ڪرڪيٽ ۾ بهتري نه ٿي آڻي سگهجي. هن چيو ته پي سي بي ظهير عباس کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ڪوبه عهدو ڏيڻ بدران آءِ سي سي جي صدارت لاءِ نامزد ڪري کيس ضايع ڪري ڇڏيو آهي. هن موجب مون کي ڪيترن ئي ملڪن مان ڪوچنگ جو آڇون ٿي چڪيون آهن، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته مون پنهنجي زندگي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. ميانداد چيو ته پي سي جي پاليسين سان ڪيترائي اختلاف آهن، پر ان هوندي به پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪنهن به عهدي تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *