مصباح الحق پاڪستان جو ڪامياب ترين ٽيسٽ ڪپتان بڻجي ويو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ سينيئر بيٽسمين مصباح الحق پاڪستان جو ڪامياب ترين ٽيسٽ ڪپتان بڻجي ويو آهي. هن نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار ڪاميابيءَ سان عمران خان ۽ جاويد ميانداد جو ڪپتان جي حيثيت سان ڪاميابين وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ان کان اڳ آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي ماڻڻ سان مصباح الحق عمران خان ۽ جاويد ميانداد جي ڪپتان جي حيثيت سان ڪاميابين جو رڪارڊ برابر ڪيو هو. ابوظهبيءَ ۾ نيوزيلينڊ خلاف کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ گرين شرٽس 248 رنسن جي وڏي مارجن سان شاندار فتح پنهنجي نالي ڪئي، اها مصباح الحق جي قيادت هيٺ گرين شرٽس جي 15هين ڪاميابي هئي. اهڙي فتح سان مصباح الحق پاڪستان طرفان ڪامياب ترين ٽيسٽ ڪپتان بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. مصباح الحق 2010ع ۾ ڏکئي وقت ۾ ٽيم جي قيادت سنڀالي هئي، سندس قيادت هيٺ گرين شرٽس هاڻي تائين 32 ٽيسٽ ميچون کيڏيون جن مان پاڪستان جي ٽيم 15 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، 9 ۾ شڪست ۽ 8 بنا نتيجي ختم ٿيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *