عمران خان جي مصباح الحق کي ڪامياب ترين ٽيسٽ ڪپتان بڻجڻ ۽ پنهنجو رڪارڊ ٽوڙڻ تي واڌايون

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان مصباح الحق کي پاڪستان طرفان ڪامياب ترين ٽيسٽ ڪپتان بڻجڻ ۽ پنهنجو رڪارڊ ٽوڙڻ تي واڌايون ڏيندي چيو ته اميد آهي پاڪستان 3 2 سالن بعد وري ورلڊ ڪپ کٽي وطن آڻيندو. خميس ڏينهن اڳوڻي ڪپتان عمران خان نيوزيلينڊ خلاف شاندار فتح بعد ڪپتان مصباح الحق کي واڌايون ڏيندي چيو ته مصباح الحق جي ڪارڪردگي شاندار آهي ۽ بطور ڪپتان مصباح الحق شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان طرفان ڪامياب ترين ٽيسٽ ڪپتان بڻجڻ تي مصباح الحق کي مبارڪ ڏيان ٿو. اميد آهي ته مصباح الحق جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني ٽيم فتح جي تسلسل کي برقرار رکندي ايندڙ سال ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ۽ پاڪستان هڪ ڀيرو وري 3 2 سالن بعد ورلڊ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري وٺندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *