سهيل خان ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ 5 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ڇهون پاڪستاني بالر بڻجي ويو

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) سهيل خان ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ 5 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ڇهون پاڪستاني بالر بڻجي ويو. هن اهو اعزاز گذريل ڏينهن ايڊيليڊ ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ حاصل ڪيو. فاسٽ بالر سهيل خان روايتي حريف خلاف شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 55 رنسن عيوض 5 رانديگر پويلين موٽايا، اها سندس ڪيريئر بيسٽ بالنگ آهي. هن روهيت شرما، ويرات ڪوهلي، سريش رائنا، ڪپتان ڌوني ۽ اجڪتيا راهاني کي پويلين جي راهه ڏيکاري. سهيل خان ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف 5 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٻيو بالر آهي، ان کان اڳ 2011ع جي ميگا ايونٽ ۾ وهاب رياض روايتي حريف خلاف 5 شڪار ڪيا هئا. شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ ۾ ٻيهر 5 کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي جڏهن ته عبدالقادر، وسيم اڪرم ۽ ثقلين مشتاق به هڪ هڪ ڀيرو اهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *