سلمان بٽ جي معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا آفيسر ورهائجي وڃڻ جو کٽڪو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا آفيسر ورهائجڻ جي ڪري کٽڪو آهي ته اڳوڻو ڪپتان سلمان بٽ پهرين سيپٽمبر جي ڊيڊ لائين کان اڳ پنهنجي بحاليءَ وارو پروگرام مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ جي صورت ۾ کيس اسپاٽ فڪسنگ ڪرڻ تي لڳل 10 سالن جي پابندي مڪمل ڪرڻي پوندي. مقرر وقت جي اندر بحالي پروگرام مڪمل ڪرڻ جي صورت ۾ سندس سزا ۾ 5 سال گھٽتائي ٿي ويندي. پروگرام مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اڳوڻي ڪپتان کي پي سي بيءَ جا ليڪچر وٺڻا پوندا، پر ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ان کي ڪليئر ڪرڻ بابت بورڊ ورهائجي ويو آهي. رپورٽ موجب بورڊ امڪاني هڪ نقطي تي ورهايو آهي ته بٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن بابت معلومات شيئر ڪندي رشوت ٽوڙ ايجنسين جي مدد ڪئي؟ پي سي بي عملدار ان مامري تي تبصرو ڪرڻ کان پرهيز ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽرن کي 6 مهينن جو نئون سينٽرل ڪانٽريڪٽ پهرين جولاءِ کان ڏيندو. اپريل کان جون تائين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا رانديگر شامل هوندا، ان جو اعلان اڃا ناهي ڪيو ويو. ڪرڪيٽرن جو ساليانو ڪانٽريڪٽ 31 ڊسمبر 2014ع تي ختم ٿي ويو هو، پر ورلڊڪپ لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ 3 مهينن جي لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي مُدي ۾ واڌ ڪئي وئي هئي، پر هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي ويو آهي. سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان اڃا تائين ناهي ٿي سگھيو، ملڪي ٽيم جا رانديگر ڪنهن ڪانٽريڪٽ جي آخري اعلان کان سواءِ سريلنڪا پهچي ويا آهن. بورڊ جي ذميوار آفيسر جي دعويٰ آهي ته سڀ مامرا طئي ٿي چڪا آهن، نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان پهرين جولاءِ کان 31 ڊسمبر 2015ع تائين ڪيو ويندو، ان تي سڀ متفق آهن، ڪپتان سميت سڀني ڪرڪيٽرن صحيح به ڪري ڇڏي آهي، پر اپريل مئي ۽ جون بابت ڪا وضاحت ناهي ڪئي وئي ته 3 مهينا ڪهڙي کاتي ۾ داخل ٿيندا ۽ اهو فيصلو به ناهي ٿي سگھيو ته ڪهڙو رانديگر ڪهڙي ڪيٽيگريءَ ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *