ڀارت جو پاڪستاني رانديگرن کي ويزا ڏيڻ کان انڪار

لاهور(اسپورٽس نيوز) ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستان جي 17 سالن جي اندر واري عمر وارن ريسلرز کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .پاڪستان ريسلنگ  فيڊريشن جي ترجمان مطابق 11 رڪني انڊر 17 ريسلنگ ٽيم ايشيا ڪيڊٽ ريسلنگ چئمپئين شپ ۾ حصو وٺڻو هو، چئمپئين شپ 10 کان 14 جون تائين دهلي ۾ ٿيڻي هئي، جنهن لاءِ پاڪستاني ٽِم هڪ مهيني کان تياري ڪري رهي هئي، پر اوچتو سفارتخاني ڀارتي حڪومت پاران ڪلئيرنس نه ملڻ جو بهانو ڪري ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *