سعيد اجمل جي هڪ ٻي بهترين پرفارمنس سندس ٽيم وورسٽر شائر کي فتح ڏياري

ليڊز (اسپورٽس نيوز) انگلش ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني آف اسپنر سعيد اجمل جي هڪ ٻي بهترين پرفارمنس سندس ٽيم وورسٽر شائر کي فتح ڏياري. هيڊنگلي ليڊز تي کيڏيل ميچ ۾ وورسٽر شائر پهريان کيڏندي روس ويٽلي جي 35 بالن تي 2 چوڪن ۽ 11 ڇڪن جي مدد سان ٺاهيل شاندار 91 رنسن جي ڪري مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 191 رنسون ٺاهيون. يارڪشائر جي ٽيم 192 رنسن جي پويان شروع ۾ ئي دٻاءَ جو شڪار رهي ۽ سموري ٽيم 17 اوورن ۾ 117 رنسن تي ڍير ٿي وئي. وورسٽر شائر جي اوليور 3 جڏهن ته سعيد اجمل 4 اوورن ۾ 21 رنسون ڏئي 2 رانديگرن جو شڪار ڪيو. 37 سالن جي پاڪستاني آف اسپنر هيل تائين 10 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 21-15 جي سراسريءَ سان 19 شڪار ڪري هلندڙ سيزن ۾ وڌيڪ آئوٽ ڪندڙ بالرن ۾ چوٿين نمبر تي پهتو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *