بنگلاديش ڏکڻ آفريڪا کي ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان هارائي 2-1 سان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

چٽاگانگ (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڏکڻ آفريڪا کي ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان هارائي 2-1 سان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽاگانگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سٺو ثابت نه ٿيو ۽ ڏکڻ آفريڪا جي سموري ٽيم 40 اوورن ۾ 168 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا طرفان سڀ کان وڌيڪ 51 رنسون جي پي ڊومني ٺاهيون. جڏهن ته ڊيوڊ ملر 44 سان نمايان رهيو، ٻي سموري ٽيم ديشي بالرن اڳيان پاڻ جھلي نه سگھي ۽ اوپنر ڊي ڪوڪ 7، آملا 15، ڊو پليسي 6، روسو 17، بهاردين 12، راباڊا1، ايبٽ 5 ۽ مورڪل 1 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. بنگلاديش طرفان سڀ کان ڪامياب بالر شڪيب الحسن رهيو جنهن 8 اوورن 33 رنسون ڏئي 3 ڏکڻ آفريڪي بيٽسمينن کي آئوٽ ڪيو، جن ۾ آملا پڻ شامل هو، جڏهن ته مستفيض الرحمان ۽ روبيل حسين 2،2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمود الله ۽ مرتضيٰ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. بنگلاديش طرفان سوميا سرڪار 75 بالن تي 90 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ۽ هو بنگلاديش طرفان اڪيلو آئوٽ ٿيندڙ رانديگر به هو جنهن کي عمران طاهر کاپايو. جڏهن ته اوپر تميم اقبال ناقابل شڪست 61 رنسون ۽ ليٽن داس 5 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. بنگلاديش جي سوميا سرڪار کي مين آف ميچ ۽ مين آف دي سيريز جو ايوارد ڏنو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *