ثانيا مرزا ويمنز ڊبلز جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري نيئن تاريخ رقم ڪري ورتي

چارليسٽن (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ويمنز دبلز مقابلن ۾ عالمي ريڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري نئين تاريخ قائم ڪري ورتيو، هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهرين ڀارتي عورت رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي، تفصيل مطابق چارليسٽن ۾ فيملي سرڪل ڪپ ويمنز ڊبلز جو ٽائيٽل کٽڻ کان پوءِ ثانيه مرزا ورلڊ ڊبلز رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن تي پهچي چڪي آهي، ايونٽ ۾ سندس پارٽنر سوئس ٽينس اسٽار مارٽينا هنگس هئي، ثانيا مرزا جو اهو 26هون دبلز ٽائيٽل آهي، جڏهن ته هو گذريل 12 مهينن ۾ ست ڊبليو ٽي اي ٽائيٽلز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *