ثانيا مرزا ۽ مارٽينا هنگس فيملي سرڪل ڪپ ڊبلز ٽائيٽل کٽي ورتو

چارليسٽن (اسپورٽس نيوز) ثانيا مرزا ۽ مارٽينا هنگس فيملي سرڪل ڪپ ڊبلز تائيٽل کٽي ورتو، فيصلائي مقابلي ۾ هنن ڪيس ڊيلاڪوووا ۽ داريجا جوارڪ کي شڪست ڏني، ان ڪاميابي کان پوءِ ثانيا مرزا وومينز ڊبلزجي عالمي ريڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، تفصيل موجب سائوٿ ڪيرولينا، چالرسٽن ۾ کيڏيل فيميل سرڪل وومينز ڊبلز مقابلن جي فائنل ۾ ڀارت جي ثانيا مرزا ۽ سندس سوئس پارٽنر مارٽينا هنگس آسٽريليا جي ڪيسي ڊيلاڪووا ۽ ڪروشيا جي داريجا جوارڪ کي اسٽويٽ سيٽس ۾ شڪست ڏني ۽ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، هنن جي ڪاميابي جو اسڪور 0-6 ۽ 4-6 رهيو، اڳوڻي عالمي نمبر هڪ مارٽينا هنگس جو هي مجموعي طور تي تي 44هون جڏهن ته ثانيا مرزا جو 26هون ڊبلز ٽائيٽل آهي، واضح رهي ته ثانيا مرزا وومينز ڊبلز مقابلن جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي پهچندڙ پهرين ڀارتي عورت رانديگرياڻي بڻجي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *