اظهر عليءَ عامر سهيل جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اظهر عليءَ ڪپتان جي حيثيت سان ون ڊي ميچ ۾ ڪامياب ٽارگيٽ پٺيان ڊگهي اننگ کيڏندي عامر سهيل جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. هن زمبابوي خلاف ٻين ون ڊي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪري عامر سهيل جو 17 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙيو. عامر سهيل 1998ع ۾ ڪپتان جي حيثيت سان ٽارگيٽ پويان 97 رنسن جي اننگ کيڏي هئي. جڏهن ته تازو زمبابوي خلاف ٻين ميچ ۾ اظهر علي سينچري اسڪور ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. اهڙي ريت هو پاڪستان جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي، جنهن ڪپتان جي حيثيت سان سينچري اسڪور ڪري ٽيم کي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪردار اداڪيو هجي. ان کان سواءِ هن ڪپتان جي حيثيت سان ون ڊي جي پهرين 5 اننگز ۾ 4 ڀيرا 50 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو چوٿون ڪپتان بڻجي ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *