سيريز ۾ فيصلائتي سرسي سموري ٽيم جي گڏيل ڪوششن ڪري ملي آهي:اظهر علي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر عليءَ چيو آهي ته زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي ۽ سيريز ۾ فيصلائتي سرسي سموري ٽيم جي گڏيل ڪوششن جي ڪري ملي آهي، جنهن جي لاءِ سڀ رانديگر مبارڪن لائق آهن. اظهر عليءَ چيو ته ڪپتان طور منهنجي بيٽنگ تمام اهميت واري هئي. گذريل چئن پنجن سالن ۾ سينيئر رانديگرن جي رهنمائيءَ جي ڪري ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آئي، جيڪا هاڻي ٽيم کي ڪم اچي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اڳتي به پنهنجي بيٽنگ سان ٽيم کي فتح ڏيارڻ جي ڪوششون جاري رکندو، هن چيو ته هاڻوڪي ڪرڪيٽ تمام تيز ۽ جديد ٿي وئي آهي، ان جي لاءِ هو پنهنجي بيٽنگ تي به تمام گھڻو ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪاميابيءَ ۾ بالرن جو به اهم ڪردار هو جن مهمان ٽيم کي 268 رنسن تائين محدود رکيو، اظهر عليءَ چيو ته ايندڙ ميچ پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، جيڪا کٽي ڪلين سوئيپ ڪنداسين. سڀ رانديگر ڪارڪردگيءَ ۾ بهتريءَ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهن جيئن هو ٽيم جي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *