آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) جمعي تي ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو، ميگا ايونٽ ۾ جمعي تي کيڏجندڙ ميچ ۾ پول اي ۾ شامل ٽيمون نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش هيملٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون، ٻين ميچ افغانستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، تفصيل موجب 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ جاري آهن، ميگا ايونٽ ۾ (اڄ) جمعي تي پول اي جي اهم ميچ نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ هيملٽن ۾ کيڏي ويندي، اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت موجب صبح 6 وڳي شروع ٿيندي، ٻين ميچ افغانستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت موجب صبح جو 8 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *