اسڪاٽش بورڊ نسل پرستي جو الزام لڳائن تي ڪرڪيٽر ماجد حق تي پابندي لڳائي ڇڏي

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز) اسڪاٽلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ نسل پرستاڻي ٽوئيٽ ڪرڻ تي پاڪستان ڄائي آل رائونڊر ماجد حق تي ورلڊ ڪپ جون باقي ميچون کيڏڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسڪاٽلينڊ جي ٽيم۾ کيڏندڙ پاڪستاني آل رائونڊر ماجد حق هوبارٽ ۾ سريلنڪا خلاف کيڏي ويندڙ ميچ ۾ نه کيڏائڻ تي بورڊ تي نسل پرستي جو الزام مڙهيندي چيو هو ته جيڪڏهن اوهان اقليت ۾ آهيو ۽ رنگ ۽ نسل کي اهميت ڏني وڃي ته پوءِ اتي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ مشڪل ٿي ويندو آهي ان لاءِ هو نسل پرستي جو شڪار ٿيو آهي اسڪاٽش ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽر جي ان ٽوئيٽ جو نوٽيس وٺندي ان کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ماجد حق تي ورلڊ ڪپ جون باقي ميچون کيڏڻ تي به پابدني مڙحي ڇڏي آهي جڏهن ته بورڊ جو چوڻ آهي ته ان معاملي جي مڪمل جاچ کانپوءِ ئي ان حوالي سان وڌيڪ ڪو بيان جاري ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *