آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ زمبابوي متحده عرب امارتن کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

نيلسن(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ زمبابوي متحده عرب امارتن کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي نيوزيلينڊ جي شهر نيلسن جي سيڪسٽن اوول ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ زمبابوي 286 رنسن جو هدف48 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو زمبابوي جي اوپنرن هدف جي حاصلات ۾ ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪئي ۽ 64 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي جڏه نته سڪندر رضا 46 رنسن اسڪور ڪري پويلين واپس هليو ويو زمبابوي جو  ٻيون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هيملٽن مساڪاڊزا هو جيڪو 72 رنسن جي مجموعي اسڪور تي صرف هڪ رنسن ٺاهي آئوٽ ٿيو، زمبابوي جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شان وليمز هو جنهن 76 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي نائوٽ رهيو جڏهن ته برينڊن ٽيلر 47 رنسون ٺاهي ٻيون نمايان بيٽسمين رهيو ٻين رانديگرن ۾ ريگس چاڪبوا 35، ڪريڪ اروائن 42 ۽ سولومن مائر 9، متحده عرب امارتن طرفان محمد توقير 2 جڏهن ته محمد نويد، امجد جاويد، ناصر عزيز ۽ ڪرشنا چندرن  هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي بهترين پرفارمنس تي شان وليمز کي مين آف دي ميچ سان نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *