شڪارپور شهيدن جي وارثن جو احتجاج ۽ مطالبا…!

 

سنڌ ۾ دهشتگردن خلاف ضرب عضب جهڙي آپريشن سميت مختلف مطالبن جي مڃتا لاءِ شڪارپور کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪري نمائش چورنگي تي ڌرڻو هڻندڙ شڪارپور سانحي جي شهيدن جي وارثن پاران جوڙيل ڪميٽي سمورن مطالبن مڃڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي حڪومتي ٽيم سان ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. رپورٽ مطابق شڪارپور کان لانگ مارچ ڪري سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات ڪراچي پهتل شڪارپور سانحي جي متاثرن ۽ مختلف شيعا تنظيمن جي ڪارڪنن جو نمائش چورنگي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. سنڌ حڪومت جي اختيارين ورثاءَ شهداءِ ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو جنهن کان پوءِ شهداءِ ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڊومڪي جي اڳواڻي ۾ 14 رڪني وفد وزيراعليٰ هائوس وڃي حڪومتي اختيارين سان ڳالهيون ڪيون، حڪومتي ٽيم جي سربراهي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاڻ ڪئي جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي، ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. منجهند کان شروع ٿيندڙ ڳالهيون شام تائين جاري رهيون ۽ مغرب جي وقت شهداءِ ڪميٽي جا ميمبر واپس ڌرڻي ۾ پهتا جتي شهداءَ ڪميٽي جو مشاورتي اجلاس شروع ڪيو ويو. ٻن ڪلاڪن تائين اجلاس هلڻ کان پوءِ شهداءِ ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود ڊومڪي ميڊيا توڙي ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن کي حڪومتي ٽيم سان ٿيل ڳالهين بابت آگاهي ڏني. مقصود ڊومڪي ٻڌايو ته حڪومتي ٽيم ڳالهين ۾ سنجيده نظر آئي، اڄوڪين ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اميد نظر آئي آهي پر حتمي نتيجي تي اڃا نه پهتا آهيون. هن چيو ته ڳالهين ۾ ضرب عضب جهڙي آپريشن سميت سمورن مطالبن تي غور ويچار ٿيو جڏهن ته سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي سنڌ اسيمبلي جي فلور تي شهيدن جي وارثن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو بيان ڏنو هو ان تي هن غلطي مڃي آهي. علامه مقصود ڊومڪي ٻڌايو ته في الحال اهو طئي ٿيو آهي ته هي اسان جو ڌرڻو جاري رهندو جڏهن ته حڪومت سان ڳالهيون پڻ جاري آهن، جيڪا به اڳڀرائي ٿيندي ڌرڻو هڻي ويٺلن کي آگاهه ڪنداسين. شهداءِ ڪميٽي جا مطالبا هئا ته شڪارپور کي فوج حوالي ڪري دهشتگردن خلاف ضرب عضب جهڙو آپريشن ڪيو وڃي، دهشتگردن جي مدد ڪندڙ سمورن مرڪزن ۽ مقامي عناصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، مدرسن ۾ موجود افغانين سميت ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، امام بارگاهن، شيعن جي مدرسن ۽ تعليمي ادارن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، ضلعي سطح تي شيعن کي پنهنجي تحفظ لاءِ هڪ هزار هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا وڃن، جيڪي تبليغي جماعتون تبليغ لاءِ اچن ٿيون انهن جي مقامي ٿاڻي تي رجسٽريشن ڪئي وڃي، مذهبي منافرت ۾ ملوث مذهبي تنظيمن جي سرگرمين کي روڪيو وڃي ۽ انهن جي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، شڪارپور سانحي جي شهيدن جي وارثن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن، شڪارپور ۾ گهنٽا گهر چوڪ کي شهداءِ چوڪ سان منسوب ڪيو وڃي، مدرسن جي رجسٽريشن ۽ مانيٽرنگ ڪئي وڃي ۽ ٻيا مطالبا شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *