ڀارت ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندو،فيوچر ٽوئر پروگرام جو اعلان

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سيءَ فيوچر ٽوئر پروگرام جو اعلان ڪندي ڀارت کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2016ع جي ميزباني ڏئي ڇڏي، جڏهن ته انگلينڊ ورلڊڪپ 2019ع جي ميزباني ڪندو. آءِ سي سي هيڊ ڪوارٽر دبئي ۾ ڪائونسل اجلاس دوران فيوچر ٽوئر پروگرام جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب ڀارت ايندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته 2019ع تائين طئه ٿيل شيڊول ۾ انگلينڊ ٽِن وڏن ايونٽن جي ميزباني ڪندو. انگلينڊ 2017ع ۾ چيمپئنز ٽرافي ۽ وومين ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندو، اهڙيءَ طرح 2019ع ۾ 30 مئي کان 15 جولاءِ تائين هلندڙ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميزباني به انگلينڊ حوالي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف بنگلاديش جي حصي ۾ 4 سالن جي فيوچر ٽور پروگرام مان ٻه ايونٽ آيا، ايندڙ سال بنگلاديش انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۽ 2018ع ۾ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي ميزباني ڪندو جڏهن ته نيوزيلينڊ 2018ع ۾ انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندو ۽ ويسٽ انڊيز 2018ع ۾ وومين ٽِي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندو. جڏهن ته هن ڀيري به ڪنهن ننڍي ايونٽ کان پاڪستان کي پري رکيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *