جيڪب آباد ۾ چار پيٽرول پمپ سيل

 

جيڪب آباد ۾حاجي محمد اڪرم ابڙي ۽ آبادگار اڳواڻ راجا جکراڻي سميت چئن ڄڻن جا پمپ سيل، شهري اتحاد ۽ ضلعي انتظاميه ۾ نئين سرد جنگ شروع ٿي وئي خبر موجب جيڪب آباد ۾ ڊي سي راجا شاهه زمان کهڙي پاران شهيد الله بخش پارڪ ويجهو شهري اتحاد  جي صدر ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حاجي محمد اڪرم ابڙو جي 60 سال قديمي قيصر پئٽرول پمپ کي سيل ڪرائڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪاشف علي ٽيپو پوليس ساڻ ڪري پمپ سيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته صدر شهري اتحاد حاجي محمد اڪرم ابڙو ۽ اي سي ڪاشف علي ٽيپو ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي پئي جتي شهري اتحاد ۽ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن پهچي ڊي سي خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي جنهن سبب صورتحال خراب ٿي وئي . اطلاع تي ايس ايس پي جيڪب آباد ظفر اقبال ملڪ شهر جي مختلف ٿاڻن سٽي، صدر، ائيرپورٽ، سول لائين ٿاڻن ۽ سي آءِ اي پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري پيٽرول پمپ تي پهتو ۽ پوري علائقي کي پوليس اهلڪارن ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جڏهن ته ايس ايس پي ۽ محمد اڪرم ابڙو وچ ۾ هڪ اڌ ڪلاڪ تائين ڳالهيون ڪيون ويون ۽ وپاري اڳواڻ مير احمد علي بروهي جي مداخلت تي شهري اتحاد جو وفد ڊي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڊي سي آفيس پهتو ته ايس ايس پي صدر شهري اتحاد محمد اڪرم ابڙو ذاتي گارڊن مٿان تشدد ڪري هٿيار کسي ورتا جتي هڪ ڀيرو ٻيهر صدر شهري اتحاد ۽ ايس ايس وچ ۾ سخت منهن مار ٿي پئي ۽ ايس ايس پي اڪرم ابڙو مٿان پڻ ڏمرجي پيو ۽ سخت نتيجا ڀوڳن جون ڌمڪيون ڏنيون ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٻڌايو ته اڪرم ابڙي جي گارڊن  مون کي ڏسي هٿيار سڌا ڪيا ويا آهن ۽ انهن پوليس سان وڙهڻ جي ڌمڪي به ڏني. صدر شهري اتحاد حاجي محمد اڪرم ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پيٽرول پمپ غير قانوني ڪو نه آهي 1954 ۾ مون پيٽرول پمپ جو لائسنس ورتو هو ۽ انهي لائسنس تي منهنجو پيٽرول پمپ هلي رهيو آهي صرف منهنجو لائسنس نئون ڪرائڻ جي ضرورت آهي پر ڊي سي ڄاڻي واڻي منهنجي سياسي مخالفن جي چوڻ تي اسان خلاف سياسي انتقامي ڪاروايون ڪري رهيو آهي جيڪي برداشت نه ڪنداسين جيڪڏهن اوهان کي غير قانوني پيٽرول پمپن خلاف ڪاروائي ڪرڻي آهي ته پوءِ اوهين پهريان اهي سيل ڪريو آئون به پنهنجو پمپ لائسنس نئون نه ٿيڻ تائين بند رکندس. ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد راجا شاهه زمان صحافين کي ٻڌايو ته اسين ڪنهن خلاف ڪا انتقامي ڪاروايون نه پيا ڪيون اسان کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران ايراني تيل وڪرو ڪندڙ غير قانوني پيٽرول پمپن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون مليون آهن جنهن تحت اسين ڪاروائي ڪئي آهي محمد اڪرم ابڙو وٽ پمپ جو لائسنس ضرور آهي جيڪو 2006 تائين نئون نه ٿيل آهي ۽ لائسنس به برما شيل نالي هڪ ڪمپني جو آهي جيڪا هاڻي شيل ۾ تبديل ٿي وئي آهي هن چيو ته محمد اڪرم ابڙو وٽ تيل جي رسيد به ڪو نه آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ايراني پيٽرول وڪرو ڪري رهيا آهن جيڪب آباد ۾ ابڙن جا سياسي حريف جکراڻي آهن ۽ هتي جکراڻين جا به ٻه پمپ سيل ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *