ورلڊ ڪپ 2019 تائين کيڏڻ جي خواهش آهي: شعيب ملڪ

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان شعيب ملڪ چيو آهي ته ورلڊ ڪپ 2019 تائين کيڏڻ جي خواهش آهي خودغرض نه آهيان مڪمل طور تي فٽ نه ٿيس ته قومي ٽيم تي بار نه پوندس ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب ملڪ چيو ته آسٽريليا جي خلاف دبئي ٽيسٽ ۾ نوجوان بالرن بهترين ڪارڪردگي سان پاڪستان کي فتح جي ويجهو آڻي ڇڏيو خوشي اها اميدن تي پورو لهي هن چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهيان ۽ مڪمل فارم ۾ آهيان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو مقصد فارم جو ثبوت پيش ڪرڻ آهي قائداعظم ٽرافي ۾ رنز ٺاهڻ سان گڏ وڪيٽون به حاصل ڪري رهيو آهيان خواهش آهي ته 2019 جو ميگا ايونٽ به کيڏان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *