پاڪستان اي ۽ يو اي اي وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ اڄ کيڏي ويندي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان اي ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ چوٿين ون ڊي مئچ (اڄ) سومر تي دبئي ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان اي کي پنجن ميچن واري سيريز م 1-2 جي سرسي حاصل آهي. ميزبان ٽيم يو اي اي سيريز جي شروعات فاتحانه انداز ۾ ڪئي ۽ پهرين ون ڊي مئچ ۾ 6 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي پر ٻئي ون ڊي ۾ پاڪستان شاندار ڪم بيڪ ڪندي 4 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي سيريز برابر ڪئي ۽ ٻئي ميچ 54 رنسن تان کٽي سرسي حاصل ڪري ورتي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي مئچ 30 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *