سپريم ڪورٽ بنا فرق احتساب جي لاءِ ڪميشن جوڙي ۽ نواز شريف سميت سڀني جو احتساب ڪري: سراج الحق

ملتان(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بنا فرق احتساب جي لاءِ ڪميشن بڻائي ميان نواز شريف سميت سڀني جو احتساب ڪري. سراج الحق جنرل راحيل شريف جي خاص تعريف ڪئي ۽ چيو ته هو پنهنجي ملازمت واري مدي ۾ واڌ وٺي ها ته اها قدر ۽ قيمت نه رهي ها جيڪا اڄ سڄي قوم وٽ  آهي. ڊسٽرڪٽ بار ملتان ۾ وڪيلن جي اجتماع کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ڦرلٽ ڪندڙ حڪمران عوام جي نظرن ۾ ڪري چڪا آهن ان ڪري هاڻ قطري ۽ سعودي شهزادن جي اچڻ جي باوجود به عوام ۾ انهن جي عزت بحال نٿي ٿي سگهي. ڏکڻ پنجاب جي وڪيلن کي نظر انداز ڪري هن خطي سان ناانصافي ۽ زيادتي ڪئي وئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اڄ وڪيلن جهڙو باشعور طبقو پنهنجي ۽ عوام جي حقن جي لاءِ الڳ صوبي جي تحريڪ جو آغاز ڪري چڪو آهي ۽ هن خطي جي عوام سان گڏ آهن، پاڪستان به هڪ وڪيل بڻايو هو، ڪنهن سياستدان، جاڳيردار ۽ جرنل نه، پاڪستان کي بچائڻ لاءِ وڪيلن جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *