آئيڊياز 2016ع سان ملڪ دشمنن کي واضح نياپو پهتو آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئيڊياز 2016ع ۾ پاڪستان جي دفاعي شين جي نماءَ سان پاڪستان جي دشمنن کي هڪ واضح نياپو پهتو آهي ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ آهي ۽ جديد هٿيارن سان ليس آهي ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت جو بخوبي مقابلو ڪري سگهي ٿو. هن اها ڳالهه اڄ ايڪسپو سينٽر ۾ آئيڊياز 2016ع تحت رٿيل دفاعي نمائش جي دوري جي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي فوج تربيت، آلات ۽ جنگي صلاحيت جي لحاظ سان تمام مضبوط ۽ مستحڪم آهي ۽ اسان جي فوج وٽ هڪ جذبو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي ملڪ جي سرحدن جي تحفظ جي حوالي سان عوام جو ڀرپور سهڪار حاصل آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اسان لاءِ فخر جي قابل آهي ته اسان جي قومي دفاعي پيداوار ۾ دفاعي شعبي ۾ بلندي واري منزل تي پهتل آهيون. هن چيو ته اهي هٿيار اسان جي دفاع لاءِ آهن يعني امن لاءِ آهن، ڇاڪاڻ ته اسان جارحيت ۾ يقين ناهيون رکندا پر اسان پيار، محبت ۽ انساني ترقي ۾ يقين رکندا آهيون. هن قوم کي واڌيون ڏيندي چيو ته اسان جي دفاعي صنعت ترقي ڪري ٻين ترقياتي ملڪن جيان هڪ متوازع صنعت بڻجي چڪي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ صبح اسيمبلي سيشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان کانپوءِ آئيڊياز 2016ع جو دورو ڪيو ۽ دفاعي نمائش ڏٺي. هن مختلف ملڪن بشمول پاڪستان جي لڳايل مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو، کين اسٽالز جي آرگنائيزن پنهنجي پيداوار بابت بريفنگ ڏني ۽ ان موقعي تي ٽينڪ، هيليڪاپٽر جا ماڊل ۽ ڪتابون پيش ڪيا. نمائش ۾ موجود ماڻهن وڏي وزير سان سيلفيون پڻ بڻايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *