23 ۽ 27 مارچ جي وچ ۾ گھڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي: منظور وساڻ جي اڳڪٿي

23 ۽ 27 مارچ جي وچ ۾ گھڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي: منظور وساڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي زراعت کاتي واري صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته 23 ۽ 27 مارچ جي وچ ۾ گھڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان شهرت رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻي ۽ سنڌ جي زراعت کاتي واري صلاحڪار منظور وساڻ بيان ڪيو ته شيخ رشيد جو بيان ۽ هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون ٻڌي حيرت ٿيندي آهي، سندس مستقبل خراب نظر اچي رهي آهيو. منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي ته 23 ۽ 27 مارچ وچ ۾ گھڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ وفاقي حڪومت بابت نئين اڳڪٿي ڪندي چيو هو ته فيبروري ۽ مارچ حڪومت لاءِ اهم آهن، فيبروري ۽ مارچ ۾ وزيراعظم جي رهڻ جا امڪان گھٽ آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ منظور وساڻ وڏي اڳڪٿي ڪندي چيو هو ته ممڪن آهي ته 23 مارچ جي پريڊ ۾ عمران خان بدران ڪو ٻيو شرڪت ڪري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *