عمران خان مراد سعيد جي معاملي ۾ انهن کان وڌيڪ ڊنل آهي ۽ کيس ڊپ آهي ته سندس حقيقت سامهون نه اچي وڃي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ بورڊز ۽ يونيورسٽيز بابت صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته جمعي ڏينهن ڪراچي ۾ مقامي چينل جي پروڊيوسر جي قتل جي حوالي سان لاڳاپيل ايس ايس پي ۽ ايڊيشنل آئي جي سان ڳالھ ٿي آهي ۽ ڏوهارين جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا آهن. تحريڪ انصاف هڪ فاشسٽ جماعت آهي ۽ اها جيڪي جيڪي قدم ميڊيا جي خلاف کڻي رهي آهي ان سان انهن جي گھٻراهٽ ظاهر آهي ته هاڻ انهن سندن وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي يونيورسٽين ۾ گذريل ڪجھ عرصي کان حراسمنٽ جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن انهن تي سنڌ حڪومت اُپاءُ وٺي رهي آهي ۽ ان حوالي سان سمورن ڪيسن تي پوري نظر رکيل آهي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي مقرري جي لاءِ وزير اعليٰ سنڌ جي صوابديدي اختيارن تي بڻيل سرچ ڪميٽي کي قانوني شڪل ڏني پئي وڃي ۽ جلد ئي ان جو بل اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. ملڪ ۾ پيٽرول جي اگھن ۾ تازي 12 روپين جي واڌاري کان پوءِ قيمت 160 روپيا ليٽر ٿي وئي آهي ۽ اها ملڪي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي ۽ موجوده نااهل ۽ نالائق حڪومت آئي ايم ايف جي چوڻ تي هن ملڪ جي عوام کان 287 ارب روپيا پيٽروليم ٽيڪس جي ڏس ۾ وصول ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ عبدالرشيد سولنگي به ساڻس گڏ هو. سعيد غني چيو ته اڄ صبح جو هڪ بدقسمت واقعو ٿيو ۽ خانگي چينل جي پروڊيوسر اطهر متين جي شهادت ٿي. هن چيو ته شروعات معلومات جي مطابق هي واقعو 8.30 تي ٿيو. جنهن ۾ ٻه موٽر سائيڪل سوار هڪٻئي موٽر سائيڪل سوار کي ڦري رهي هئا. ان ئي دوران هڪ ڪار سوار ڌاڙيل کي گاڏي هئين جنهن تي ڌاڙيلن فارنگ ڪئي ڪنهن جي نتيجي ۾ اطهر متين کي ٽي گوليون لڳيون. هن چيو ته ان حوالي سان هن ايس ايس پي ۽ ايڊيشنل آئي ڪراچي کان معلومات ورتي آهي ۽ انهن ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي موٽر سائيڪل ملي آهي. ۽ ڌاڙيل کي جلد گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته حڪومت ان ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪندي سعيد غني چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ گڏ ئي اطهر متين جي گھر وارن جي سنڌ حڪومت سهارو بڻجندي ۽ انهن جي سمورن طريقن سان مدد ڪئي ويندي. سعيد غني چيو ان واقعي کان پوءِ وزير اعليٰ سنڌ ايڊيشنل آئي جي کي فوري طور تي ذميوارن کي گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تي پهچائڻ جا حڪم ڏنا آهن. ان موقعي تي بورڊز ۽ يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ڪجھ عرصي کان سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ جيڪي حراسمنٽ جا واقعا ٿي رهيا هئا. هن چيو ته ان حوالي سان مختلف ڪيسز ميڊيا پاران هائي لائٽ ڪيا پيا وڃن ان لاءِ ضروري آهي ته ان حوالي سان حڪومت ڪهڙا اُپاءُ ورتا آهن اهي واضع ڪيان. هن چيو ته لاڙڪاڻي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 2019 ۾ نمرتا جو واقعو ٿيو. پوءِ ڊاڪٽر نوشين جو وقعو ٿيو ان کان پوءِ لياري يونيورسٽي جو واقعو ٿيو ۽ الماس خان ۽ پروين رند جو واقعو ٿيو هن چيو ته نمرتا جو واقعو ٿيو ته سنڌ حڪومت ان جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ۽ انڪوائري جا جيڪا به تفصيل آهن انهن تي عمل ڪرائڻ ۽ مستقبل ۾ ڪهڙا اُپاءَ وٺڻا آهن ان سلسلي ۾ اُپاءَ ورتا پيا وڃن. هن چيو ته صاف جانچ جي لاءِ اسان متاثره يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز کي موڪل تي اُماڻيون آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر نوشين جي معاملي تي به جوڊيشل انڪوائري جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته لياري يونيورسٽي جي واقعي تي سائبر ڪرائيم جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون ۽ اتان جي وائيس چانسلر کي به موڪل تي موڪليو آهي. اسماعيل راهو چيو ته پروين رند ڊاڪٽر نه پر هائوسنگ نرس آهي يونيورسٽي جي هاسٽل جي مختلف سالن جون ميڊيڪل شاگردياڻيون رهي رهيون هنيون ۽ شاگردياڻين جو مطالبو هو ته انهن جي ڪمرن ۾ جنهن سال جون شاگردياڻيون هجن انهن کي رکيو وڃي ته جيئن انهن جي تعليم ۾ مشڪلين جو خاتمون ٿي سگھي. ان کان پوءِ انتظاميا ان تي عمل ڪيو. اسماعيل راهو چيو ته ان واقعي کان پوءِ هاسٽل انچارج ۽ انهن جي اسسٽنٽ کي به معطل ڪيو ويو آهي ۽ پروين رند جي معاملي جي ايف آئي آر داخل ٿي چڪي آهي جيڪا به شيءِ سامهون ايندي ان بابت وڌيڪ اُپاءَ وٺنداسين. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ الماس نالي ڇوڪري جوڪيس سامهون آيو جنهن ۾ هن چيو ته آهي ته موٽر سائيڪل سوارن کيس حراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هن چيو ته ان حوالي سان ڪميٽي بڻي آهي الماس جي گھر وارن کي چيو آهي ته ايف آئي آر داخل ڪرائڻ چاهين ٿا ته ڪرائين. هن چيو ته انهن سمورن واقعن جي شفاف جانچ ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي جتي ائين محسوس ٿي رهيو آهي شاگردياڻيون يا انهن جا والدين کي انڪوائري تي ڪنهن جي اثر انداز ٿيڻ جا خدشو آهي ته انهن کي دور ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪڏهن متاثر شاگردياڻي ۽ انهن جا والدين جتي به مطمئن هوندا انهن آفيسرن کان جانچ ڪرائي ويندي هن چو ته اسان هڪ ٻئي ڪميٽي به بڻائي رهيا آهيون سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ٻاهر واري يونيورسٽين جي عملي تي لاڳاپيل ڪميٽي بڻائي رهيا آهيون ته جيئن صحيح حقيقتن تي پهچي سگھون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪا فارن سڪ رپورٽ آئي آهي ان ۾ ڊي اين جو ميچ 50 سيڪڙو آهي انهن کي وڌيڪ جانچڻ جي لاءِ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائي رهيا آهيون ڇو ته ماهرن موجب 99 سيڪڙو ڊي اين اي ميچ ٿيڻ گھرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ ۾ دير ٿئي پر هاڻ ان پروجيڪٽ تيزي آئي آهي هن چيو ته اهو چوڻ ته جيڪڏهن اهو منصوبو هجي ها ته اهي واقعا نه ٿين اهو غلط آهي هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڪيمرائون آهن پر اتي به ڏوهن ۾ واڌارو ٿيو آهي. هن چيو ته اها سسٽم جي خرابي آهي يا سسٽم هلائڻ وارن جي خرابي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حراسمنٽ حراسمنٽ ئي آهي چاهي ايم پي اي هجي يا ڪنهن تعليمي اداري جي شاگردياڻين سان ٿئي سمورن جي صاف جانچ ٿي رهي آهي ۽ قانون کان ڪو به مٿاهون ناهي. هن چيو ته لياري جي وائيس چانسلر پاران اها شڪايت آهي ان سان ايس ايڇ او جانچ ڪئي ته مون مٿان ايف آئي آر ٿيندي ته مون کان ايس ايڇ او پڇندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پر امن احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي ڪو سمجھي ٿو ته ان کي احتجاج ڪرڻ گھرجي ته هو ڪري پر اسان جيڪي قانون مطابق شيون ڪري سگھون ٿا سي ڪنداسين باقي ايف آئي آر واپس وٺڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر آهي ان لاءِ عدالت بهترين رستو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بدقسمتي سان اهي واقعا ٿيا جنهن ۾ جانيون ضايع ٿيون ڪا به حڪومت ناهي چاهيندي ته اهڙا واقعا ٿين هن چيو ته پوري دنيا ۾ اهڙا واقعا ٿيندا آهن وزير اعليٰ ڪوشش ڪري رهيو آهي. سعيد غني چيو ته 2008 ۾ جڏهن آيا هئاسين ان وقت پوليس جو ڪهڙو حال هو هاڻ پوليس بهتر حال ۾ آهي ان معاملي تي اسان کي گذريل حڪومت سان ڀيٽڻ گھرجي 2008 ۾ پوليس آفيسرن کي قتل ڪيو ويندو هو پر اڄ پوليس آفيسر قتل نٿا ٿين. خانگي چينل جي نشريات تي پابندي جي سوال تي هن چيو ته اسان ان جي بندش جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن نيوز چئنل تي ڪو معاملو آهي ته قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گھرجي ۽ ان جو هڪ پورو عمل آهي. هن چيو ته لاڳاپيل نيوز چينل کي پيمرا شوڪاز موڪليو پوءِ ڪيبل آپريٽر تي دٻاءُ وجھي چينل بند ڪيو ويو. اها حڪومت جي گھٻراهڻ آهي صحافي محسن بيگ جي گرفتاري جي سوال تي هن چيو ته اها انوکي ڪهاڻي آهي، 9 لڳي شڪايت داخل ٿيندي آهي 9.30 وڳي ايف آئي جو دستو انهن جي گھر پهچي ويو. هن چيو ته محسن بيگ ڪجھ چيو نه پر هن هڪ ڪتاب جو حوالو ڏنو. هن چيو ته مون کي ائين لڳي رهيو آهي اها ڪارروائي پروگرام جيڪري نه پر ڪنهن ٻئي ڪارڻ جيڪري ٿي آهي باقي کيس مارڪٽ ڪرڻ نامناسب آهي هن چيو ته مان ڪافي عرصي کان چئي رهيو آهيان ته پي ٽي آئي هڪ فاشسٽ پارٽي آهي. اها ڪنهن به صورت اختلاف رائي برداشت نٿي ڪري سگھي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان مراد سعيد جي معاملي ۾ انهن کان وڌيڪ ڊنل آهي ۽ کيس ڊپ آهي ته سندس حقيقت سامهون نه اچي وڃي.    

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *