22 انساني جانيون ضايع ٿي ويون پر ڪنهن کي پرواهه ناهي: عدالت

راولپنڊي(م.ڊ) مري سانحي بابت لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ريمارڪس ڏنا آھن، ريمارڪس ۾ چيو ويو آھي تھ اسان وساري ڇڏيو آهي ته ذاتي مفادن لاءِ ملڪ ٽوڙيو ويو پر مري سانحو وسرڻ نه ڏينداسين، عدالت چيو ته 22 انساني جانيون ضايع ٿي ويون پر ڪنهن کي پرواهه ناهي، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ ڇو وڌي پئي وڃي،  ٻڌايو وڃي ته پي ڊي ايم اي کي ڪٿان ۽ ڪيترا فنڊز ملندا آهن؟ ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته چيف سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪنداسين، عدالت طرفان فواد چوڌري جا ٽوئٽس، ضلعي ۽ صوبائي آفيسرن وچ ۾ واٽس ايپ تي ٿيل رابطن جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *