آئي ٽي جي شعبي ۾ 2030 تائين 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت پوندي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ واڌ ۽ آن لائن تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي تعليمي نظام کي وڌائڻ ۽ موقعن ۾ اضافو ڪن دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ لاءِاعليٰ تعليمي نظام ۾ آن لائن تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي سومر تي سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي پشاور جي 14هين ڪانوڪيشن کي خطاب ڪندي صدر چيو ته 2030 تائين انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت پوندي پاڪستان لاءِ سڀني کي تعليم ڏيڻ ترقي لاءِ خاص اهميت رکي ٿي آن لائن تعليم ان مقصد کي تيزي سان حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ لاءِ ترقي جووڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي تعليمي معيار ۽ جديد مهارتن جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي هن چيو ته وزيراعطم عمران خان جي تازي چين جي دوري کي ترقي جي حوالي سان اهم قرار ڏنو هن چيو ته زراعت فارماسوٽيڪل، آٽوموٽو ٽيڪسٽائيل ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز لاءِ وسيع موقعا موجود آهن پاڪستان مستحڪم ملڪ طور اڀري رهيو آهي جنهن جي مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پي ايڇ ڊي، ايم ايس، ايم فل، ماسٽرز، بيچلرز ۽ ٻيون ڊگريون حاصل ڪندڙ گريجوئيٽس ۾ ڊگريون ورهايون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *