21 نومبر تي هر صورت ۾ لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪندو:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان هر صورت ۾ 21 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪندو پرويز رشيد اڄ ڪلهه جنهن طرح ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان تي حيران آهيان شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ جلسي لاءِ سرڪاري مراعتون نه پيا گهرون جڏهن ته ان ڳاله جو پهريان ئي علم هو ته لاڙڪاڻي جلسي ۾ رڪاوٽون وڌيون وينديون جتي جلسو ڪري رهيا آهيون اتي اين او سي جي ضرورت ناهي، ڊي سي او لاڙڪاڻو منفي پروپئگنڊه نه ڪري هن چيو ته پرويز رشيد اڄ ڪلهه جهڙي طرح جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي مون کي ان تي حيراني ٿي رهي آهي جهلم ۾ ڪارڪنن تي فائرنگ حڪومت جي گهٻراهٽ جي نشاني آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي وي تي حملي ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن شامل ناهن خدشو آهي ته سڄو ڊارمو سرڪار پاڻ رچايو هو جڏهن ته اهي اطلاع به ملي رهيا آهن ته پنجاب حڪومت ڪا نئين منصوبابندي ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *