حڪومت سان ڪابه ڊيل ناهي ٿي، پي ٽي وي جي گهٽي به ناهي ڏٺي: طاهر القادري

لنڊن (م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته ان کي پي ٽي وي تي حملي جي ڪابه خبر نه هئي ۽ اسان جو ڪوبه ڪارڪن پي ٽي وي تي حملي ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي حڪومت سان ڪا ڊيل ٿي آهي طاهر القادري ڪينيڊا کان پاڪستان واپسي جو سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي اڄ صبح هو لنڊن پهچي ويو آهي جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن به ڪارڪن پي ٽي وي جي ديوار کي هٿ به ناهي لاٿو ۽ نه ئي مون اڄ تائين پي ٽي وي جي گهٽي به ڏٺي ناهي هي حڪومت جي پنهنجي منصوبابندي آهي مون اسلام آباد ۾ ڌرڻي کي خطاب دوران ڪجهه تصويرون ڏيکاريون هيون جن پي ٽي وي تي حملو ڪيو انهن مان اڪثر ماڻهو پي ٽي وي جا پنهنجا ملازم هئا جن جي بعد ۾ خواجه سعد رفيق به تصديق ڪئي هئي، هن چيو ته منهنجي حڪومت سان ڪابه ڊيل ناهي ٿي جيڪڏهن ڊيل ٿي هجي ها ته مون کي اشتهاري قرار نه ڏنو وڃي ها مون کي پرڏيهه وڃڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت نه ٿي روڪي سگهي اسان جو مشن عالمي آهي مان دنيا جي مختلف جاين تي خطاب ڪندو آهيان ۽ هاڻ مان واپس اچي رهيو آهي ڪنهن ۾ همت آهي ته مون کي گرفتار ڪري مان گرفتاري کان نٿو ڊڄان هن جو چوڻ هو ته اسان جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏيو آهي اهڙا ڪابه جي آءِ ٽي منظور ناهي جنهن ۾ پنجاب حڪومت جو ڪو آفيسر شامل هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *