2050ع تائين ٺٽو ۽ بدين ضلعه سنڌ جي نقشي تي ئي نه هوندا: رسول بخش پليجو

حيدرآباد(رپورٽر): قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو ته ايل بي او ڊي جي تباهڪارين خلاف وقت سر قدم نه کنيا ويا ته 2050ع تائين ٺٽو ۽ بدين ضلعا سنڌ جي نقشي تي ئي نه هوندا. صحافي الهبچايو جمالي ايل بي او ڊي جي تباهڪارين بابت ڪتاب لکي ورلڊ بئنڪ سميت عالمي قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندي، انهن کي ڪوڙو ثابت ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافي الهبچايو جمالي جي ايل بي او ڊي بابت لکيل ڪتاب ”ايل بي او ڊي هڪ مها آفت“ جي ڪوٺايل مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪا ماضيءَ ۾ نائن اليون وارو ڊرامو رچائي لکين ماڻهن کي قتل ڪري چڪو آهي، آمريڪا سدائين ان موقف جو رهيو آهي ته سموري دنيا جا ملڪ سندس اڳيان امداد جي لاءِ هٿ ٽنگيندا رهن. آمريڪا جي هڪ تنظيم جهموريت جي نالي تي وظيفو ڏئي دهشتگرديءَ کي هٿي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪنهن جنم ڏنو ۽ انهن سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو، ان بابت ڪو ليکڪ لکي ئي نٿو. هن چيو ته اڄ ڪجهه ڌريون قومي عوامي تحريڪ جي ختم ٿيڻ جون دعوائون ڪري رهيون آهن، اسان انهن ڌرين کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته قومي عوامي تحريڪ کانسواءِ ملڪ ۾ ٻي ڪابه اهڙي پارٽي ناهي، جيڪا سڀني کي گڏ کڻي هلي. ڪتاب جي ليکڪ صحافي الهبچايو جمالي چيو ته هن ڪتاب جي لکڻ دوران کيس ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو، مخالفت ۾ صحافي دوست پهرين صف تي رهيا. هن چيو ته مون سدائين اصولن واري صحافت ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو مون وٽ ڪا به ملڪيت نه آهي. هن چيو ته هي ڪتاب منظر عام تي اچڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي آهي. ليکڪ دستگير ڀٽي چيو ته 1947ع کان اسان کي سامراجي سوچ ۾ ڦاسايو ويو آهي. موجوده حڪمران سامراجي ايجنٽ آهن، جيڪي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، هن چيو ته هاڻ اسان کي سامراجي سوچ خلاف هڪ سگهارو آواز بلند ڪرڻو پوندو، سنڌ جي عوام کي گهرجي ته مقامي سطح تي تنظيمون جوڙي سنڌ جي وسيلن ۽ حقن جي مالڪي ڪن، هاڻ قربانيءَ کانسواءِ سنڌ کي بچائي  نٿو سگهجي، سماجي اڳواڻ اشفاق ميمڻ چيو ته ايل بي او ڊي لاڙ سميت سنڌ لاءِ موتمار منصوبو آهي، هن چيو ته حڪمران سنڌ جي اصل مسئلي کان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هٿرادو سياسي مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ جي تباهيءَ جا سمورا پيرا حڪمرانن ڏانهن وڃن ٿا، جڏهن به سنڌ جو عوام ترقي جي راهن ڏانهن روان ٿئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي برادريءَ ۽ انتهاپسندي جي ورچاڙهيو وڃي ٿو. ان موقعي تي سينيئر صحافي اسحاق مڱريو، ڊاڪٽر عالم دين انصاري، اقبال حيدر، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، غلام رسول ٽالپر سميت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *