ڊيره بگٽي ۾ شرپسندن 2 گيس پائپ لائنون تباهه ڪري ڇڏيون

ڊيره بگٽي(م ڊ): شرپسندن مختلف علائقن ۾ گيس جي 2 پائپ لائنن کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو ليويز اختيارين مطابق ڊيره بگٽي جي علائقي پير ڪوهه ۾ شرپسندن لوٽي گيس فيلڊ جي کوهه نمبر 10 ۽ 12 تان گيس پلانٽ ويندڙ 8، 8 انچ قطر جي پائپ لائنن کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو ڌماڪن جي نتيجي ۾ پائپ لائن ۾ باهه لڳي وئي، واقعي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارڪنن ٻنهي کوهن مان گيس جي پيداوار بند ڪري پائپ لائنن جي بحالي لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *