نارووال (ويب ڊيسڪ): منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته 2025 تائين پاڪستان دنيا جي پهرين 25 معيشتن ۾ شامل ٿي ويندو، يوم پاڪستان تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪجهه سالن ۾ وڌيڪ ملڪن جا ماڻهو به پاڪستان ۾ روزگار لاءِ ايندا، اسان جي ملڪ ۾ هر رنگ ۽ مذهب جي ماڻهن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، احسن اقبال چيو ته اسان پاڪستان کي علم ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري هڪ باوقار ۽ عظيم قوم بڻائينداسين.