ڀارت پاران عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي قبول نه ڪرڻ تي ايندڙ مهيني ٿيندڙ آبي ڳالهين جو ٻيو دور ملتوي ٿيڻ جو امڪان

واشنگٽن (اين اين آءِ)ڀارت پاران عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي قبول نه ڪرڻ تي واشنگٽن ۾ ايندڙ مهيني ٿيندڙ آبي ڳالهين جو ٻيو دور معطل يا ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي نجي ٽي وي موجب پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هلندڙ آبي ڇڪتاڻ تي عالمي بئنڪ ٽياڪڙي جي پيشڪش ڪئي هئي ۽ ان ڏس ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ايندڙ مهيني واشنگٽن ۾ منعقد ٿيڻو هو رپورٽ موجب پاڪستان نه صرف انهن ڳالهين جو انعقاد طئي ٿيل وقت تي چاهي ٿو پر بطور سنڌ طاس معاهدي جي ضامن هجڻ جي عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي جو به خواهشمند آهي ميڊي ارپورٽ مطابق ڀارت ڪنهن به ٽياڪڙي جي خلاف آهي ۽ معاملي کي سنڌ طاس معاهدي جي فريم ورڪ تحت حل ڪرڻ گهري ٿو خيال رهي ته ڳالهين جي ٻئي دور ۾ ڀارت جا 2 تڪراري هائڊرو پاور منصوبا ڪشن گنگا ۽ رتلي تي ڳالهه ٻولهه عمل ۾ اچڻي هئي جنهن تي پاڪستان عالمي بئنڪ جي ذريعي بين الاقوامي ٽياڪڙي عدالت جي مدد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو هلندڙ هفتي اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڀارت ۽ پاڪستاني اختيارين ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٽن ڀارتي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ڀارت ٽئي منصوبا درياهه چناب تي ٺاهڻ چاهي ٿو جنهن سان اپاڪستان کي پاڻي جي وهڪڙي م گهٽتائي جو خدشو آهي ملاقات کان پوءِ پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف صحافين کي ٻڌايو ته ڪشن گنگا ۽ رتلي منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ايندڙ مهيني واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٿيندي. جنهن ۾ عالمي بئنڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *