2015 ۾ 1200 کان وڌيڪ جانيون ضايع ڪندڙ هيٽ اسٽروڪ هلندڙ سال وڌيڪ نقصان ڪري سگهي ٿو: سڪندر منڌرو

ڪراچي(اي پي پي) ماحوليات ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو آهي ته گلوبل وارمنگ ۽ هيٽ اسٽروڪ صرف سنڌ يا پاڪستان نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي جيڪو ڏينهنون ڏينهن تيزي سان وڌي رهيو آهي، گذريل سال جون2015ع ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 1200 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي ويون ۽ موسميات کاتي پاران هن سال اڃا به وڌيڪ هيٽ اسٽروڪ ٿيڻ  جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت گڏيل حڪمت عملي تحت سڀني لاڳاپيل کاتن ۽ عوام ۽ ميڊيا جي سهڪار سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هن سال گرمين ۾ ايمرجسي واري صورتحال دوران نقصان کان بچي سگهجي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ انوائرل پروتيڪشن ايجنسي (سيپا) پاران (هيٽ ويو مينيجمينٽ) جي عنوان سان  منعقد ڪرايل سيمينار کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.صوبائي وزير چيو ته هيٽ اسٽروڪ سبب گذريل سال ڀارت ۽ يورپ ۾ پڻ ڪافي نقصان ٿيو هي هڪ حساس مسئلو آهي ان ڪري اسان سڀني کي ان حوالي سان پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا مان ٻيلا گهٽ ٿي رهيا آهن ۽ هتي اسان وٽ درياءُ جي پاڻي ۾ پڻ گهٽتائي ٿي رهي آهي ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي فيڪٽر آهن جنهن ڪري هتي گرمي وڌي وئي آهي. هن چيو ته قدرتي آفتون مختلف صورتن ۾ اينديون رهيون آهن ان وقت اسان سڀ پريشان ٿيون ٿا ۽ دانهون به ڪيون ٿا پر افسوس جو جڏهن اهي آفتون ختم ٿي وڃن ٿيون ته اسان ان مان سبق سکڻ بدران سڀ ڪجهه ڀلجي وڃون ٿا هن چيو ته اسان کي انهن تجربن مان سکڻ ۽ عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي ان سان گهڻو ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو.هڪ سوال جي جواب ۾ سڪندر مينڌرو چيو ته خدا نه خواسته هن سال جيڪڏهن اهڙي ايمرجنسي صورتحال پيدا ٿي ته حڪومت ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي هميشه جيان ايمرجنسي فنڊ پڻ موجود آهن ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ٻين فنڊن مان پن ڪٽوتي ڪري ايمرجنسي کي منهن ڏنو ويندو آهي.هڪ ٻئي سول جي جواب ۾ چيو ته مڃان ٿو ته ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ اهي پر ان جي هوندي به اسان ڪي اي، حيسڪو ۽ سيپڪو سميت سڀني پاور ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو هيٽ اسٽروڪ دوران گهٽ کان گهٽ ٽائيم جي لاءِ لوڊشيڊنگ ڪن.صوبائي وزير چيو ته گلوبل وارمنگ يا هيٽ اسٽروڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن کي صرف حڪومت منهن نٿي ڏئي سگهي ان لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردارا ادا ڪرڻو پوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ ذميداري ميڊيا جي ٿئي ٿي ته هو عوام م آگاهي پيدا ڪري ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو پاڻ کي هيٽ اسٽروڪ کان بچائي سگهن.هن چيوته گذريل عوام هيٽ اسٽروڪ کان بي خبر هجڻ ڪري وڏو جاني نقصان ٿيو پر هن سال عوام ۾ آگاهي جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ هن قسم جي سيمينار پڻ فائيديمند ثابت ٿي سگهن ٿا ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته عوام کي آگاهي جي لاءِ جاگرتا مهم پڻ جلد هلائي ويندي.ان موقعي تي جناح اسپتال جي جوائنٽ دائريڪٽر سيمي جمالي،ڪمشنر ڪراچي سيد آصف حيدر شاهه، ايم ڊي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه، چيف ميٽرولوجسٽ عبدالرشيد، ايدمنسٽريٽر ڪي ايم سي روشن علي شيخ ۽ ٻين پڻ سيمينار کي خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *