بهتر کان بهتر فلم ۾ ڪم ڪيو پر پنهنجون فلمون ناهيان ڏسندي: ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوزِ) بالي ووڊ ادڪاره ڪرينا ڪپور خان پنهنجي ڪيريئر ۾ بهتر کان بهتر فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جڏهن ته اداڪاره جوچوڻ آهي ته هو ڪڏهن به پنهنجي فلم ناهي ڏسندي پنهنجي هڪ انترويو ۾ ڪرينه ڪپور پنهنجي ڪريئر بابت ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون ڪيون ڪرينا جو چوڻ هو ته مان ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي اسڪرين تي نٿي ڏسي سگهان منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ منهنجون فلمون ڏسي ٻڌائينديون آهن ته اها ڪيئن هئي مان پنهنجي ڪاميابي کي ڪڏهن به سنجدگي سان ناهي ورتو ۽ مان اڄ به بلڪل نئين اداڪاره وانگر ورتاءَ ڪيان ٿي بالي ووڊ ۾ ڪبهي خوشي ڪنهي غم، جب وي ميٽ، ٿري ايڊيٽس ۽ بجرنگي ڀائيجان جهڙين ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته کيس فلمن ۾ سڀ کان ڏکيو انهن جي مشهوري ڪرڻ لڳندو آهي ڪرينا جو چوڻ آهي ته مان مسلسل 40 ڪلاڪن تائين شوٽنگ ڪري سگهان ٿي پر جتي ڳالهه پروموشنز جي اچي ٿي ته اهو ڪم منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو هودنو اهي ۽ اڄڪلهه فلمن کي وڏي پئماني تي پروموت ڪيو وڃي ٿو جنهن لاءِ ڪافي همٿ جي ضرورت هوندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *