ڳڙهي خيرو جي گورنمينٽ اسڪول وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي

ڳڙهي خيرو( اسپورٽس نيوز) يو ايس ايڊ جي سنڌڪميونٽي موبلائيزيشن پروگرام تحت ڳڙهي خيرو جي گورنمينٽ اسڪول وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي. هايرسيڪنڊري اسڪول گرائونڊ تي گورنمينٽ هاير سيڪنڊري، گورنمينٽ ماڊل هاءِ اسڪول، گورنمينٽ مڊل اسڪول پراجيڪٽ، گورنمينٽ ايليمنٽري اسڪول ڄام خان ميرجت اسڪول ۾ وچ ميچون ٿيون. پهرين رائونڊ ۾ گورنمينٽ ايليمنٽري اسڪول ڄام خان ميرجت ۽ مڊل اسڪول پراجيڪٽ ڳڙهي خيرو وچ ۾ ٿي. پهرين بيٽنگ ڪندي ڄام خان ميرجت اسڪول جي 129 رنسون اسڪور ڪيون. ڄام ميرجت اسڪول جي امجد علي لاشاري ۽ سيف الله پڻ سٺي بيٽنگ سبب 8 اوورن ۾ اسڪور ٽارگيٽ ماڻيو. مڊل اسڪول پراجيڪٽ جو شاگرد رياض احمد بروهي بهترين بيٽنگ ڪندي 6 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 75 اسڪور ڪيو. جڏهن ته الطاف جمالي ٽي وڪيٽون ورتيون. ٻئين رائونڊ ۾ هايرسيڪنڊري اسڪول ۽ ماڊل هاءِ اسڪول وچ ۾ کيڏي وئي. ماڊل هاءِ اسڪول جي سڄي ٽيم 63 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن ته هاير سيڪنڊري اسڪول جو هادي بخش ۽ حسن ٻرڙو سٺي بالنگ ڪئي. اڄ هايرسيڪنڊري اسڪول ۽ مڊل اسڪول پراجيڪٽ ڳڙهي خيرو وچ ۾ فائينل کيڏيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *