دائود ابراهيم ڪراچي ۾ آهي، قومي سلامتي جا صلاحڪار هاڻي ڪشميرين سان ملڻ چاهين ٿا:انوراگ ٺاڪر

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڪشمير جي حريت اڳواڻن سان ملاقات ۽ مبينا ڳجھي سربراهه دائود ابراهيم جي پاڪستان ۾ موجودگيءَ جو الزام هڻي پاڪستان سان ڪرڪيٽ سيريز تي سواليه نشان هڻي ڇڏيو. واضح رهي ته پاڪ-ڀارت جي قومي سلامتي صلاحڪارن وچ ۾ 23 آگسٽ تي ٿيڻي ملاقات رد ڪئي وئي آهي. نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڪشميري حريت اڳواڻن کي سرتاج عزيز سان ملاقات لاءِ دعوت ڏني هئي، جنهن کي ڀارت جواز بڻائيندي چيو ته سرتاج عزيز ڳالهين کان اڳ ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات نه ڪري. پر ان سان گڏ ڀارتي ميڊيا انڪشاف ڪيو ته ڳجھو سربراهه ابراهيم پاڪستان جي شهر ۾ موجود آهي ۽ ثبوت طور سندس گھر واريءَ جي نالي ڪفلٽن ۾ واقع گھر جي ٽيليفون بل جي تصوير به ڏيکاري. دائود ابراهيم تي 1993ع ممبئي ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي، جنهن ۾ 257 ماڻهو مارجي ويا هئا. بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر ٽوئٽر تي  لکيو ته دائود ابراهيم ڪراچي ۾ آهي، قومي سلامتي جا صلاحڪار هاڻي ڪشميرين سان ملڻ چاهين ٿا، ڇا اوهان واقعي امن بابت سنجيد آهيو؟ ۽ اسان کان اميد ٿا ڪيو ته اسان توهان سان ڪرڪيٽ کيڏون؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *