ڳوٺ حڪيم سنديلو جو چڱو مڙس وڏيرو منظور حسين سنديلو لاڌاڻو ڪري ويو

ڏوڪري(رپورٽر) ڳوٺ حڪيم سنديلو جو چڱو مڙس وڏيرو منظور حسين سنديلو لاڏاڻو ڪريو ويو، گذريل رات دير سان ساھھ جي تڪليف سبب ھن دم ڏنو، مرحوم ڀٽائي جي پارکو وڏيري حاڪم علي سنديلو جو وڏو پٽ ھو، مرحوم کي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،  مٽن مائٽن توڙي ڳوٺ وارن ۽ زندگي جي ھر شعبي سان لاڳاپيل ماڻھن توڙي علائقي واسين پاران وارثن سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي،  مرحوم واپڊا مان انسپيڪٽر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو ھو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *