ڳالهين کان اڳ ئي آئي ايم ايف جا شرط مڃڻ باجود به حڪومت اڃا تائين ڪوئي معاهدو ناهي ڪري سگهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان پي ٽي آئي، آئي ايم ايف ڳالهين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڳالهين کان اڳ ئي آئي ايم ايف جا شرط مڃڻ جي باجود به حڪومت اڃا تائين ڪوئي معاهدو ناهي ڪري سگهي پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته حڪومت جون آئي ايم ايف سان ڳالهيون شفاف نه آهن، حڪومت پارليمان کي ناهي ٻڌايو ته آئي ايم ايف سان ڪهڙا معاهدا ڪيا پيا وڃن هن چيو ته غير شفاف معاهدي جا ملڪي ۽ عوام تي هاڃيڪار اثر پوندا ڪنهن کي معلوم نه آهي ته هي پاڪستان جي مستقبل جو ڪهڙو سوڌو ڪرڻ وڃي رهيا آهن، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو بلڪل ٺيڪ چيو آهي ته هن حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي هن چيو ته عوام تي بجلي ۽ پيٽرول بم ڪيرائي چون ٿا ته ڳالين جو ڪوئي ٽائيم فريم نه آهي، مني بجيٽ پيش ڪرڻ جي باوجود به آئي ايم ايف کي مطمئن نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ان جي معاشي پاليسي رڳو مهانگائي ڪرڻ آهي پهرين سال آئي ايم ايف سان معاهدي ۾ دير جي سزا هاڻي عوام کي ملي رهي آهي، هن چيو ته مهانگائي جي بمباري ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي، هن چيو ته ملڪ ۾ هر پاسي بحران واري صورتحال آهي عوام روڊن رستن تي اهي، پر حڪومت  تائين عوام جون دانهون نٿيون پهچن سيري رحمان چيو ته بني گالا جو هيليڪاپٽر عوام جي پئسن تي هلي ٿو. ان لاءِ حڪمرانن کي مهانگائي جو احساس نه آهي هن چيو ته مهانگائي جي ڪل شرح 12.66 سيڪڙو ٿي وئي آهي، سڀ کان گهٽ ڪمائي واري طبقي لاءِ مهانگائي 14.12 سيڪڙو ٿي چڪي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *