رسول اڪرم صلي اللہ عليھ وسلم جو جشن ولادت اڄ پوري ملڪ ۾ مذھبي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويندو

ڪراچي (اين اين آءِ) حضرت محمد صلعم جو جشن ولادت (اڄ) 12 ربيع الاول مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، هن ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ درود وسلام ۽ نعت خواني ڪئي ويندي. سيمينارز ۽ ڪانفرنسون ٿينديون جنهن ۾ پاڻ سڳورن صلعم جي سيرت ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ ڪيل عظيم ڪوششن کي موضوع بڻايو ويندو جشن عيد ميلادالنبي صلعم جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ جي گهٽين پاڙن ۽ بازارن کي خوبصورت روشنين ۽ سائي رنگ جي جهنڊين سان سجايو ويو آهي ته سرڪاري ۽ خانگي عمارتن کي به روشن ڪيو ويو آهي، ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف هندن تي جلوس ۽ ريليون ڪڍيون وينديون. جلوس ۽ ريلين جي شريڪ ٿيندڙ حضرت محمد صلعم تي درود پاڪ جو ورد ڪندا. جشن عيد ميلادالنبي صلعم جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ نياز ورهايو ويندو، پوليس پاران جشن عيد ميلادالنبي صلعم جي موقعي تي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *