ڳالهين لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر نواز شريف ۽ مان تيار ناهيون: مريم نواز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جي موقعي تي مريم نواز طرفان نواز شريف جي تصوير وارو لباس عوام جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو. ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جعلي ٽرسٽ ڊيڊ جي ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ۾ پيشي لاءِ احتجاج جو نئون انداز اختيار ڪيو ۽ ڪاري رنگ جو ڪُرتو پائي عدالت پهتي. احتساب عدالت پيشي وقت مريم نواز جي  ڪاري ڪُرتي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تصوير سان گڏ “ بي گناهه نواز شريف کي آزاد ڪريو“لکيل هيو. عدالت ۾ مريم نواز جو اهو احتجاجي انداز ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو. ياد رهي ته اڄ مريم نواز خلاف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ پيش ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ ٿي. احتساب عدلت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز خلاف قومي احتساب بيورو ( نيب ) طرفان داخل جعلي ٽرسٽ ڊيڊ بابت درخواست ٻڌڻي نه قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر انڪشاف ڪيو آهي ته اسان سان ڳالهائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو آهي پر نواز شريف ۽ مان تيار نه آهيون. احتساب عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مان ۽ نواز شريف ڳالهين جون گهرجون پوريون نه ٿا ڪري سگهون.  صحافيءَ طرفان سوال ڪيو ويو ته اهي ڪهڙيون گهرجون آهن جيڪي توهان پوريون نه ٿا ڪري سگهو جنهن تي مريم نواز چيو ته ڳالهين لاءِ اصولن جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي جنهن لاءِ اسان تيار نه آهيون.  هن چيو ته ڊيل ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي پاڻ ڊيل جي ضرورت پئجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته مان ته موجوده حڪومت کي پنج سال ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر عوام کين مدو مڪمل ڪرڻ نه ڏيندو ڇو ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ راولپنڊي مان اسان جي 150 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مسلم ليگ ن جي جيترن اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻو آهي ڪيو پر اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته هاڻي ڪنهن جي به جرئت ناهي جو آمريت طرف ڏسي، آمر ناڪام ٿي چڪو، اڄ هو بيمار آهي ۽ الله کيس صحت ڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *