دفاعي صنعت کي پاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دفاعي صنعت کي پاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي آڊيٽوريم ۾ دفاعي پيدوار حوالي سان ٻه ڏينهن وارو قومي سيمينار ٿيو جنهن دفاعي پيدوار جي صنعت کي پيش چئلينجن جو جائزو ورتو ويو. سيمينار ۾ وزارتن ، سرڪاري ۽ خانگي ادارن، چيمبر آف ڪامرس ۽ دفاعي پيداواري ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ ڀائيواري جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير زبيده جلال ۽ فواد چوڌري دفاعي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تجويزون ڏنيون ۽ وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود قومي سلامتي ۾ دفاعي صنعت جي اهميت تي روشني وڌي. ٻه ڏينهن تائين جاري رهندڙ سيمينار ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جي حوصلا افزائي ۽ ڊيجيٽل پارڪن جي قيام سميت حڪومت کي پاليسي سطح تي سفارشون پيش ڪيون ويون جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي به تجويز ڏني وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجو قيمتي وقت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته دفاعي صنعت کي پاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي ضرورت آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *