گڏيل قومن پرڏيهي اهلڪارن جي فيمليز جي پاڪستان ۾ ترسڻ تي پابندي کڻي ڇڏي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن پرڏيهي اهلڪارن جي فيمليز جي پاڪستان ۾ ترسڻ تي پابندي کڻي ڇڏي آهي.  گڏيل قومن جي اداري انٽرنيشنل سول سروس ڪميشن  پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي کي خط ذريعي آگاهه ڪيو ته 14 جون کان پاڪستان لاءِ نان فيملي اسٽيشن جو درجو ختم ڪيو ويو آهي. خط موجب اهڙو فيصلو  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سيفٽي ۽ سڪيورٽي بابت اداري جي سفارشن جي روشني ۾ ڪيو آهي جنهن پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي سڪيورٽي جو مڪمل جائزو ورتو. خط ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي اهلڪارن جي فيملي تي لاڳو پابندي ختم ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ اهلڪارن جي فيملي هاڻي پاڪستان ۾ رهي سگهي ٿي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي ان حوالي سان گڏيل قومن جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته هڪ هاڪاري عمل آهي جنهن لاءِ هنن سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اهڙي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته اها هڪ سٺي خبر آهي جنهن جو بنياد مضبوط سڪيورٽي تي غور ۽ ويچار آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلام آباد کي ٻيهر نوٽيفڪيشن ذريعي فيملي اسٽيشن قرار ڏنو ويو آهي،گڏيل قومن جو اهڙو فيصلو وڏي  ڪاميابي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته 208ع ۾ ميرٽ هوٽل ۾ ڌماڪو ٿيو، واقعي کانپوءِ سفارتخانن ۽ گڏيل قومن جي آفيسن ۾ پريشاني هئي، گڏيل قومن پاڪستان کي نان فيملي اسٽيشن قرار ڏنو اهو سلسلو 10 سالن تائين جيئن جو تيئن برقرار رهيو. هن چيو ته صورتحال سنڀالڻ ۽ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي، پرڏيهي وزارت زور ڀريو ته هاڻي سڪيورٽي بهتر ٿي چڪي آهي،گڏيل قومن کي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جامع تحقيق ڪئي ۽ اسان جي تجربي سان اتفاق ڪيو. سندس چوڻ هو ته هاڻي پاڪستان ۽ اسلام آباد ۾ سڪيورٽي جي صورتحال بهتر ٿي چڪي آهي،اسلام آباد کي ٻيهر نوٽيفڪيشن ذريعي فيملي اسٽيشن قرار ڏنو ويو آهي.  شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جو فيصلو وڏي ڪاميابي آهي، نوٽيفڪيشن عالمي ادارن جو پاڪستان تي اعتماد آهي. هن چيو ته  فيصلي سان اعتماد سازي سيڙپڪاري کي به ٿي ملندي،  ڪوشش هئڻ گهرجي ته سيڙپڪاري وفد ٻطرفي واپار کي وڌائن. شاهه محمود قريشي چيو ته ويزا لبرائيشن سان وڏي اميد آهي ته اقتصادي چرپر بهتر ٿيندي، ڪلائنٽس لاءِ ملڻ لاءِ دبئي وڃڻو پوندو هو هاڻي سولائي سان هتي اچي سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *