اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم لاءِ آن لائن پروفائيل سسٽم جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي اثاثا طاهر ڪرڻ جي اسپيڪ لاءِ آن لائين پرفائيل سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو جمعي تي مملڪتي وزير عماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته اڄ کان وٺي ڊيٽا جي ڄاڻ عوام کي ڏني ويئي آهي اسان وٽ ٽريولنگ، يوٽيلٽي بل، بئنڪ ٽرانزيڪشن جي ڊيٽا موجود آهي شهري سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي پنهنجي باري ۾ عام لائين معلومات وٺي سگهندا. موجود ڊيٽا کان علاوه اضافي معلومات جي بنياد تي ٽيڪس اسٽيٽمينٽ هوندي. هن چيو ته ايمنسٽي اسڪيم جي لاءِ پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ موبائيل فون نمبر جي بنياد تي ويب سائيٽ تي ڊيٽا انٽري ممڪن ٿيندي ڪوبه ماڻهو ڪنهن ٻئي جو پروفائيل استعمال نه ڪري سگهندو. هن ٻڌايو ته نادره جي مدد سان سمورن شهرين جي معاشي سرگرمين جي ڊيٽا حاصل ڪئي ويئي آهي. بئنڪ ٽرازيڪشن ۽ يوٽيليٽي بل سميت سموري معلومات ايف بي آر وٽ آهي. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته ڪنهن جي به ذاتي معلومات ڪو ٻيو شخص حاصل نه ڪري سگهندو آن لاين پروفائيل سسٽم ۾ سيڪيورٽي فيوچرز جو به خيال رکيو ويو آهي. ان موقعي تي مملڪتي وزير حماد اظهر چيو ته ايف بي آر وٽ 5 ڪروڙ 30 لک ماڻهن جي ڊيٽا موجود آهي ان ڊيٽا جي بنياد تي نوٽيس به جاري ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته گذريل 10 سالن کان ٻه حڪومت ڪوڙ ڳالهائينديون رهيون. انهن ڪوبه ڊيٽا بيس تيار نه ڪيو هو پر موجوده حڪومت ساڍا پنج لک ماڻهن جو ڊيٽا تيار ڪيو آهي. شبر زيدي چيو ته سموري معلومات ايف بي آر ۽ نادره وٽ آهي. ماڻهو پنهنجا اثاثا ۽ ان جي تفصيل ايف بي آر جي ويب سائيٽ ۽ نادره جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته ايمنسٽي اسڪيم ۾ ٽائيم گهٽ نه آهي ماڻهو فائدو وٺندا. اخيتارين ٻڌايو ته ڊيٽا جي تحفظ لاءِ قدم کنيا ويا آهن نادره اختيارن موجوب نادره جي ويب سائيٽ ۾ صرف انفرادي معلومات ملندي ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته ايف بي آر وٽ بئنڪ اڪائونٽس گهر دڪان ۽ پلاٽ ڪارون بجلي ۽ فون جا بل ڊيبٽ ڪارڊ ۽ پرڏيهي دورن جي تفصيل حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *