گينگ وار جا ڏوهاري ڪٿي روپوش آهن؟ عذير بلوچ سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ پنهنجي روپوش ساٿين بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب عذير بلوچ جاچ ادارن کي ٻڌايو آهي ته گينگ وارو جا ڏوهاري فيصل پٺاڻ، وسيع لاکو، سڪندر عرف سڪو، شاهد رحما، ملا نثار ۽ ٻيا 9 دهشتگرد ايران ۾ آهن. هن ٻڌايو ته شيراز ڪامريڊ، شڪيل الرحمان، بادشاهه، مسقط ۾ ۽  استاد تاجو ڏکڻ آفريڪا ۾ آهي. عذير بلوچ کي دبئي ۾ به ڪراچي مان ڀتو ملندو رهيو. هن جاچ ادارن کي ٻڌايو ته روپوشي دوران 94 لک رپيا ڀتو دبئي ۾ وصول ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *