سنڌ اسيمبلي ۾ نصرت سحر عباسي ۽ نثار کهڙي وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ، فنڪشنل ليگ جو واڪ آئوٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران نصرت سحر عباسي ۽ سينيئر وزير نثار کهڙي وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي، نصرت سحر عباسي کي نثار کهڙي جي مبينا ڌمڪي واري اشاري ۽ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تان فنڪشنل ۽ نوازليگ ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.اسپيڪر سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران هنري تعليم بابت پڇيل سوالن جا جواب شاهه ٿهيم ۽ انساني حقن واري وزارت بابت پڇيل سوالن جا جواب نثار کهڙي ڏنا ويا. نصرت سحر عباسي هنري تعليم بابت جمع ڪرايل سوال جي جواب تي اعتراض واريو، اسپيڪر سراج دراني به سندس موقف جي حمايت ڪندي هدايت ڪئي ته ٻيهر سوالن جا درست جواب ڏنا وڃن، ڪو به اهڙو جواب قبول نه ڪيو ويندو، جنهن مان ميمبر مطمئن نه هجي. نثار کهڙو سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو نصرت سحر عباسي ايوان جي ڪارروائي آئين موجب نه هلائڻ جي شڪايت ڪئي، نثار کهڙي چيو ته آئين جي ڳالهه اهي ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڻ آمرن جي هنج ۾ ويٺل رهيا. ان موقعي تي نثار کهڙي ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي، اسپيڪر نصرت سحر عباسي کي خاموش رهڻ جي هدايت ڪندي سندس مائيڪ بندڪرائي ڇڏيو، نصرت سحر عباسي چيو ته سينيئر وزير هن ڏانهن اشارا ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. نثار کهڙي چيو ته هن ڪو به اشارو ناهي ڪيو، اسپيڪر سراج دراني چيو ته ڪير به ڪنهن  کي گهٽ وڌ نه ٿو ڳالهائي سگهي. اسپيڪر سوالن جوابن جو وقفو ختم ٿيڻ جو اعلان ڪندي ايم ڪيو ايم جي سيف الدين خالد کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني. نصرت سحر عباسي سان گڏ سورٺ ٿيٻو ۽ ٻيا ميمبر به احتجاج ڪرڻ لڳا ته سيف الدين خالد اسپيڪر کي چيو ته هڪ ميمبر ڪجهه ڳالهائي پئي سندس ڳالهه ٻڌو، سراج دراني چيو ته انهن ٻنهي جو آواز ڏاڍو سٺو آهي، ڳائين ٿا سٺو هو. اسپيڪر جي اهڙي جملي بعد فنڪشنل ليگ ۽ نوازليگ جي ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *