نوجوانن کي ٻين تي تنقيد ڪرڻ بدران ملڪ لاءِ پاڻ ڪجهھ ڪرڻ گھرجي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو  (بيورو) اطلاعات ۽ تعليم واري سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته نوجوان ملڪي آباديءَ جو 60 سيڪڙو آهن، اهي سڀاڻي جي اميد آهن جيڪي اهي ملڪي مسئلن کان لا تعلق رهندا ته اسين پوئتي هليا وينداسين. ٻين تي تنقيد ڪرڻ سولو ڪم آهي پر نوجوانن کي ٻين تي تنقيد ڪرڻ بدران ملڪ لاءِ پاڻ ڪجھ ڪرڻ گھرجي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ سر شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻي ۾ يوٿ پارليامينٽ طرفان ڪوٺايل فيوچر ليڊرز ڪانفرنس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 12 آڪٽوبر ملڪي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏهاڙي تي هڪ جنرل ۽ سندس ساٿين چونڊيل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. نواز شريف اسانجي پارٽي جو نه هئو پوءِ به اسان آمر مشرف جي انهيءَ قدم جي مذمت ڪئي ڇو ته نواز شريف آئيني وزير اعظم هو ۽ خدشي هئڻ باوجود اسان مشرف خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته 12 آڪٽوبر کانپوءِ ڪجھ وقت پوءِ دنيا 21 هين صديءَ جو جشن ملهائي رهي هئي. سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک خراب ڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن مڪاني چونڊن جي قانون ۾ نوجوانن لاءِ خاص سيٽون رکيون آهن. هن چيو ته اهو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن وڃي ٿو ۽ اها بلاول ڀٽو جي تجويز هئي جنهن کي قبول ڪندي اسان نوجوانن کي مڪاني چونڊن ۾ نمائندگيءَ جو موقعو ڏنو آهي. هاڻي 21 کان 25 سالن جي عمر وارا نوجوان به مقاني چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آمرن سدائين عوام کي دٻائي ملڪ تي حڪمراني ڪئي آهي، هو چوندا آهن ته عوام ڪمزور هجي، ان لاءِ ئي جمهوريت جو نالو وٺندڙ کي ڪوڙا، ڦٽڪا، ڦاهيون ۽ گوليون هيون وينديون آهن ته جيئن حاڪم طاقت وٺي ۽ عوام ڪمزور رهي. پر هاڻي عوام کي ووٽ جي طاقت ڏياري وئي آهي ۽ ڪجھ به ٿي وڃي پر اسان جمهوريت کي هٿان وڃائڻ جو سوچي به نه ٿا سگھون.  هن چيو ته پاڪستان پهريان دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي. هن چيو ته عوام واپڊا وارن، گندگي ۽ ٻين سماجي براين خلاف احتجاج ڪري ٿو ائين گوسڙو ماسترن جي گھرن آڏو به احتجاج ڪريو ته جيئن هو اچي سندن ٻارن کي تعليم ڏين. هن چيو ته منهنجي انهيءَ ڳالھ تي سوشل ميڊيا ۾ وڏي مهم هلائي وئي ۽ هفتي اندر گوسڙو ماسترن جا 3000 نالا ۽ تصويرون مون ڏانهن موڪليون ويون، جنهن خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. عوام پاڻ ئي گوسڙو ماسترن کي اسڪول وڃڻ تي مجبور ڪري ته جيئن سندن ٻار تعليم حاصل ڪري سگھن. هن چيو ته ميٽرڪ تائين مفت تعليم ۽ ڪتاب ڏيڻ باوجود سنڌ ۾ چاليھ لک ٻار اسڪول وڃن ۽ اوترا ئي ٻار اسڪول نه ٿا وڃن ان تعني کي ختم ڪرڻو پوندو. ان لاءِ نوجوان پنهنجي علائقي جي ٻارن کي اسڪولن ۾ داخلا ڪرائي انرولمينٽ وڌائن. هن چيو ته نوجوانن پنهنجي اوڙي پاڙي جي غريبن ٻارن کي ڏينهن ۾ صرف اڌ ڪلاڪ تعليم ڏين ته هي جهالت ختم ٿي سگھي ٿي ۽ بنا خرچ تي لکين ٻارڙا پڙهي سگھن ٿا. ان موقعي تي صدر لاڙڪاڻو پريس ڪلب ايس اقبال بابو، سينئر نائب صدر طارق دراني، خادم ڏهوٽ ۽ ٻين ۾ ايوارڊ ورهايا ويا. صوبائي وزير يوٿ پارليامينٽ جي عهديدارن ۾ پڻ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. جڏهن ته يوٿ پارليامينٽ جي اڳواڻ رضوان جعفر پڻ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو کي ايوارڊ ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *