گوجرانوالا ٽرين حادثي ۾ دهشتگردي جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي:خواجا سعد رفيق

لاهور (بيورو) ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ دهشتگردي جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. ريلوي وزير خواجا سعد رفيق حادثي واري هنڌ پهچي ريسڪيو آپريشن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ دهشتگردي جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٽرين ۾ ڦاٿل سڀني مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته گم ٿيل ڇهن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *