ڪراچي ۾ پ پ پنجاب جو اجلاس، بلاول پاران عيد بعد پنجاب جي دوري جو فيصلو، اڳواڻن کي پارٽي کي فغال ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلاول هائوس ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پ پ پنجاب جو اجلاس ٿيو،جنهن ۾ صوبي ۾ پارٽي جي ٻيهر تنظيم ڪاري جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر منظور وٽو، شيري رحمان،راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائره ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي ڏکڻ پنجاب ۾ نئين تنظيم سازي بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو عيد کانپوءِ پنجاب جو دوروڪندو ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪندو. هن پارٽي اڳواڻن تي زور ڀريو ته پيپلزپارٽي پنجاب کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ڪراچي قديم وستي لياري جو دورو ڪيو. بلاول ڀٽو پارٽي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته لياري پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه آهي، ڪارڪن مڪاني چونڊن جي تياري ڪن. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لياري ۾صوبائي وزير جاويد ناگوري سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪئي. ان کانپوءِ لياري جي مختلف علائقن جو دورو ڪري عوام کان مسئلا معلوم ڪيا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته لياري مڪاني چونڊن لاءِ ڀرپور تياريون ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *