گم ٿيل مخالف ڌر جو اڳواڻ لنڊن ۾ تفريح پيو ڪري،عمران خان جو نظريو ڪامياب ٿي ويو : فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نوازشريف ضمانت کان پوءِ هڪ ڏينهن به اسپتال ۾ داخل ناهي ٿيو ضمانت گهرڻ هڪ بهانو آهي لنڊن ڀڄڻ چاهي ٿو لنڊن جي رستن تي شريف ڀائر سرعام گهمندا پيا وتن وزيراعظم پهرين ڏينهن چيو هو ته جنهن جا هٿ صاف نه هجن ان جو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ موجود رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي هو جمعي تي هتي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ظفر مرزا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي هن چيو ته ظفر مرزا کي پي آءِ ڊي ۾ ڀليڪار چوان ٿي هن چيو ته دوائون جي قيمتن کي آڏو رکندي ظفر الله کي ذميواريون ڏنيون هن چيو ته وزيراعظم دوائن جي قيمتن وڌڻ جو نوٽيس ورتو هو. وزيراعظم دوائن جون قيمتون گهٽائڻ جي هدايت ڪئي هن چيوت ه نئين پاڪستان جي منزل طرف اسان سفر ڪري رهيا آهيون صحت پي ٽي آءِ جو اهم جزو آهي هن چيوت ه اسان کي فخر اهي ته اسان ملڪ جي عوام لاءِ اهڙي چونڊ ڪئي آهي جيڪا اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي هن چيو ته عوام جي حق لاءِ وڙهڻو آهي هن چيو ته (ن) ليگ گذريل ڏينهن اپوزيشن ليڊر ۽ چيئرمين پي اي سي کي تبديل ڪيو فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اپوزيشن جا سمورا دليل ناڪام ٿي ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد اهن نوازشريف جيل مان ضمانت کان پوءِ هڪ ڏينهن به اسپتال ناهي ويو. صحت جي وزير چيو ته وزارت سنڀالڻ جي پهرين ڏينهن سڀ کان تفصيل سان ڳالهه ڪئي اسان کي سڀني صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي هن چيو ته وزيراعظم جي سپورٽ تي ان جو ٿورائتو آهيان هن چيو ته مون کي ڪئبينيٽ ۾ دعوت ڏني ويئي ته مان وزيراعظم جي اکين ۾ عوام لاءِ احساس ڏٺو هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻن ضروري آهي دوائن جي قيمتن سبب عوام متاثر ٿيو هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته عوام کي سموريون سهولتون ڏنيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *