ملڪ ۾ اڻ اعلانيل سينسر شپ آهي، سڄي دنيا ۾ ميڊيا تي دٻاءُ آهي : بلاول ڀٽو زرداري/آصف علي زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ آزاد صحافت لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن ڇو ته انهن اڀرندڙ جمهوري ملڪن ۾ ميڊيا کي گهٽو ڏيڻ لاءِ نوان نوان حربا آزمايا پيا وڃن پ پ پ ملڪ جي سچن صحافين ۽ ميڊيا سان سلاڙيل شخصيتن سان گڏجي ميڊيا ۽ صحافت جي آزادي خلاف ڌمڪين جو مقابلو ڪندي جمعي تي آزاد صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پ پ پ چيئرمين چيو ته انهن ملڪن ۾ بااقتدار پارٽين پاران ميڊيا هائوسز ۽ صحافتي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ ڌمڪين ۽ ڌماڪي واري پاليسي هلائي پئي وڃي جڏهن ته پاڪستان ۾ به صورتحال ان کان مختلف نه آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ اڀرندڙ جمهوري ملڪ لاءِ آزاد ميڊيا جو هئڻ ضروري آهي پ پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته سندس پارٽي آمرن پاران صحافت ۽ نشر ۽ اشاعت تي لاڳو ڪارن قانونن کي اڇلائي ڇڏيو هو هن چيو ته سندس پارٽي مختلف هٿڪنڊن جو نشانو بڻجڻ جي باوجود صحافتي آزادي لاءِ هڪ ڇٽي جو ڪم ڪندي رهندي بلاول ڀٽو زرداري نشاندهي ڪندي چيو ته صحافين ۽ پ پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن گذريل پنجن سالن کان آمريت ۽ غير جمهوري قوتن جي خلاف گڏجي وڙهندا آيا آهن آمرن اسان جي قيادت جي خلاف دنيا جو سڀ کان مهانگو ميڊيا ٽرائيل به هلايو پر اهي جرنلسٽس ۽ جيالن جو اتحاد ٽوڙڻ ۾ ناڪام ٿيا پ پ پ چيئرمين اهو عزم ورجايو ته ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۽ معاشري جي طبقي ۽ ٽولي جي نمائنده طور جماعت، ان جي پارٽي پاڪستان ۾ آزاد صحافت جي حفاظت لاءِ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صحافين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو اهي ته ملڪ ۾ اڻ اعلانيل سينسر شپ آهي پيپلزپارٽي صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي پ پ پ آزاد صحافت جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي جمعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري آزاد صحافت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي نياپي ۾ چيو ته سڄي دنيا ۾ ميڊيا تي دٻاءُ آهي هن چيو ته آمراڻي سوچ ميڊيا کان آزادي کسي ورتي آهي هن چيو ته قوم انهن هيروز کي سلام ڪري ٿي جن آزاد صحافت لاءِ ڪوڙا برداشت ڪيا هن چيو ته ملڪ ۾ اڻ اعلانيل سينسر شپ آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *